اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي واري ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي آهي.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ عمران خان ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان خلاف چونڊ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان اليڪشن ڪميشن ۾ پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جو وڪيل پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ مصروف آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿي دليل ڏيندو.عمران خان جي وڪيل بئريسٽر گوهر اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿي چيو ته اين اي 31 پشاور ۾ عمران خان ويو پر هو عوامي عهدو نه پر اميدوار آهي.اليڪشن ڪميشن عمران خان کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 18 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










