ضابطا اخلاق تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو: رٽرننگ آفيسر

ضابطا اخلاق تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو: رٽرننگ آفيسر

بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ) ضلعي رٽرننگ آفيسر/ ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران مڪاني چونڊن 2022 لاءِ جاري ڪيل ضابطا اخلاق تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو ۽ سمورا سرڪاري آفيسر ۽ ملازم جيڪي مڪاني چونڊن 2022ع لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، انهن کي پڻ ضابطه اخلاق جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. هن اها هدايت اڄ دربار هال بدين ۾ 24 جولاءِ 2022ع تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي ضابطه اخلاق تي عملدرآمد جي حوالي سان ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ ايس ايس پي بدين شاهنواز چاچڙ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون بدين نجيب الرحمان جمالي، ضلعي مانيٽرنگ آفيسر زاهد حسين ڀٽو، اليڪشن ڪمشنر بدين اظهر حسين ٽانوري، ضلعي جي سمورن رٽرننگ آفيسرن ۽ سياسي پارٽين جي نمائندن شرڪت ڪئي. ضلعي رٽرننگ آفيسر آغا شاهنواز خان سموري سياسي پارٽين جي نمائندن کي چيو ته هو پنهنجي پولنگ ايجنٽن کي ضابطه اخلاق بابت آگاهه ڪن، جڏهن ته ووٽن جي ڳڻپ دوران رڳو هڪ پولنگ ايجنٽ پولنگ اسٽيشن تي موجود هوندو، هن ريٽرننگ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي تعلقن ۾ ضابطا اخلاق تي عملدرآمد بابت اجلاس سڏائڻ ۽ ان سلسلي ۾ موجود مسئلن کي حل ڪيو وڃي ته جيئن ضابطه اخلاق جي پاسداري کي يقيني بنائي سگهجي، هن چيو ته سڄي ضلعي ۾ 22 سئو اميدوارن جي لاءِ 700 پولنگ اسٽيشنن تي تقريبن 8 لک کان وڌيڪ عوام ووٽ ڪاسٽ ڪندو ان ڪري اسان ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ووٽرن جي لاءِ آساني پيدا ڪئي وڃي جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهن، هن چيو ته ڪميونيڪشن جي ذريعن ۾ڪافي بهتري آئي آهي جڏهن ته شڪايتن جي بروقت حل لاء شڪايتي سيل پڻ قائم ڪيا ويا آهن جتي شڪايتن تي فوري ۽ بروقت عمل ڪيو ويندو ۽ ڪابه غير قانوني ڪارروائي برداشت نه ڪئي ويندي. هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پولنگ اسٽيشنن تي موجود سهولتن، گهربل سامان جي ترسيل ۽ اليڪشن جي ڏينهن بابت پلان کي حتمي شڪل ڏين ته جيئن پرامن ۽ شفاف مڪاني چونڊون ڪرائي سگهن، جنهن تي ايس ايس پي بدين شاهنواز چاچڙ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي پوليس امن امان جي صورتحال تي ڀرپور نظر رکي رهي آهي ۽ ضلعي ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ فل پروف سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي جيئن چونڊن دوران امن امان کي برقرار رکي سگهجي ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل ضابطا اخلاق تي مڪمل عملدآمد ڪرائي سگھجي هن چيو ته حڪمت عملي تحت سڪيورٽي پلان جوڙيو ويو آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 700 پولنگ اسٽيشنن مان 142 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس ۽ 270 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته حساس پولنگ اسٽيشنن تي 8 اهلڪار ۽ هڪ آفيسر مقرر ڪيو ويندو جڏهن ته ڪوئيڪ ريسپانس ٽيمون پڻ جوڙيون ويون آهن.ان موقعي تي ضلعي مانيٽرنگ آفيسر زاهد حسين ڀٽو اجلاس کي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل مڪاني چونڊن 2022ع جي ضابطه اخلاق بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪا به سياسي پارٽي اليڪشن ڪميشن طرفان منظور شده سائز کان وڏي سائز جا پوسٽر هينڊ بل، پمفليٽ، بينر نه ٺهرائيندي جڏهن ته سمورين پارٽين جا اميدوارن ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته لاڳاپيل پرنٽر/پبلشرز جو نالو ۽ پتو ۽ فون نمبر پوسٽرن، هينڊل بل، پمفليٽ، بينر ۽ تي ڏنل هوندا. هن چيو ته پولنگ واري ڏينهن پولنگ اسٽيشن جي 200 ميٽرن جي اندر ڪنهن به قسم جي مهم ۽ ووٽرن کي قائل ڪرڻ غيرقانوني عمل تصور ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو