حيدرآباد(ن سنڌيار) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي پاران گڏيل جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته سنڌ سرڪار پاران صوبي قلم 144لاڳو ڪري آمريت جي ياد تازي ڪرائي آهي پيپلز پارٽي سرڪار مڪاني چونڊن ۾ مخالف اميدوارن جي مهم کي روڪڻ لاء اهڙا هٿڪنڊه استعمال ڪري رهي آهي سنڌ ۾ پاڻي ناهي جون سدائون بلند ٿي رهيو آهن پاڻي جي کوٽ خلاف ٿيندڙ احتجاجن کي دٻائڻ لاء سنڌ سرڪار آمراڻو فيصلو ڪيو سنڌ هاري ڪاميٽي اهڙي فيصلي کي رد ڪري ٿي ۽ مطالبو ٿي ڪري ته فوري طور قلم 144لاڳو ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي احتجاج ڪرڻ سڀني جو جمهوري حق آهي پيپلز پارٽي اهو حق هرگز ڪنهن پارٽي کان نٿي کسي سگهي اڳواڻن چيو ته جڏهن پيپلز پارٽي احتجاج ڪيا پئي ته انهن کي سرڪاري پروٽوڪول حاصل هو ۽ هاڻي جڏهن ڪا ٻئي ڌر احتجاج ڪرڻ چاهي ٿي ته ان خلاف اهڙي قسم جون ڪاروايون سنڌ سرڪار جي بوکلاهٽ جو ثبوت آهي سنڌ هاري ڪاميٽي اڳواڻن چيو ته سنڌ حقن لاء سنڌ ۾ پاڻئ جي کوٽ کوٽ خلاف ۽ سنڌ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن جي مهم جاري رکي وڃي سنڌ سرڪار جيڪڏهن گرفتاريون ڪرڻ چاهي ٿي ته اهو به شوق پورو ڪري سنڌ جا ماڻهو ڊڄڻ وارا ناهن پنهنجي حقن جي جدوجهد جاري رکندا۔










