صوبي جي 30 ضلعن ۾ وڏا اسپورٽس ۽ يوٿ ايونٽس ڪرائڻ جو فيصلو

صوبي جي 30 ضلعن ۾ وڏا اسپورٽس ۽ يوٿ ايونٽس ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت هلندڙ سال جي مهيني جولاءِ 2026ع کان جون 2027ع تائين صوبي جي 30 ضلعن ۾ وڏا اسپورٽس ۽ يوٿ ايونٽس ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، راندين واري وزير سالياني اسپورٽس ڪيلنڊر جي منظوري ڏئي ڇڏي. 19هين سنڌ گيمز سکر، سنڌ پنڪ گيمز، ٿر جيپ ريلي، سنڌ بيچ گيمز، لياري اسپورٽس فيسٽيول ۽ اي اسپورٽس چيمپئن شپ سميت ڪيترائي وڏا ايونٽس منعقد ٿيندا. ان سلسلي ۾ راندين ۽ نوجوانن جي معاملن کاتن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ راندين واري کاتي سنڌ جي سالياني اسپورٽس ڪيلنڊر بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ جولاءِ 2026ع کان جون 2027ع تائين صوبي جي سمورن 30 ضلعن ۾ ميگا اسپورٽس، يوٿ، روايتي ۽ خاص راندين جي سرگرمين تي مشتمل سالياني ايونٽس جي شيڊول جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري اسپورٽس منور علي مهيسر، ايڊيشنل سيڪريٽري اسد اسحاق، چيف انجنيئر محمد اسلم مهر ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي پوري سال ۾ منعقد ٿيندڙ راندين جي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر هلندڙ سال نومبر ۾ سکر ۾ 19هين سنڌ گيمز منعقد ڪرائڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته سنڌ اسپيشل گيمز ۽ سنڌ پنڪ گيمز آڪٽوبر ۾ شهيد بينظير آباد ۾ منعقد ٿينديون. اهڙي طرح سيڪنڊ اي اسپورٽس چيمپئن شپ نومبر ۾ ڪراچي ۾ جڏهن ته ونٽر ڪوچنگ ڪئمپس صوبي جي سمورن 30 ضلعن ۾ لڳايا ويندا. سردار محمد بخش مهر هلندڙ سال ڊسمبر 2026 ۾ سنڌ بيچ گيمز جڏهن ته فيبروري 2027ع ۾ ٿر جيپ ريلي 2027ع ٿرپارڪر ۾ منعقد ڪرائڻ جي به منظوري ڏني. جنوري 2027ع ۾ ٿر فيسٽيول مٺي ۽ دريا اسپورٽس فيسٽيول حيدرآباد، اپريل ۾ لياري اسپورٽس فيسٽيول، مئي ۾ سنڌ پنڪ فٽبال چيمپئن شپ ۽ جون 2027ع ۾ ڪراچي ۾ ڊونڪي ڪارٽ ريس سان گڏ پوري سنڌ ۾ سمر ڪئمپس به منعقد ڪيا ويندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڀٽ شاهه ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمه الله جي عرس جي موقعي تي جولاءِ جي آخري هفتو آل پاڪستان ملاکڙو منعقد ٿيندو، جڏهن ته آڪٽوبر ۾ ڪراچي جي سچل گوٺ ۾ ميگا ملاکڙو (سيپٽمبر/سيزن ٽو) ٿيندو. نومبر ۾ ڪوهستان بيل گاڏي دوڙ ضلعو ٺٽو ۽ اقبال ڊي اسپورٽس فيسٽيول حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويندو. راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر ٻڌايو ته شهيد بينظير آباد ۾ سخي ڄام ڏاتار جي عرس جي موقعي تي روايتي راندين، ملاکڙو ۽ ڪٻڊي ٽورنامنٽ جو انعقاد ڪيو ويندو، جڏهن ته فيبروري 2027ع ۾ حضرت لعل شهباز قلندر رحمه الله جي عرس مبارڪ جي موقعي تي آل پاڪستان ملاکڙو به منعقد ٿيندو. انهي مهيني ڊويزنل شهيد بينظير آباد اسپورٽس فيسٽيول به ٿيندو. ان کان علاوه شطرنج چيمپئن شپ حيدرآباد ۾ منعقد ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ راندين واري کاتي سنڌ پاران ٽرانسجينڊر افراد، خاص ماڻهن، يونيورسٽين، اسڪولن، ڪاليجز ۽ جيلن تائين راندين جي سرگرمين جي دائري کي وسيع ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. سردار محمد بخش مهر چيو ته پوري سنڌ ۾ ملاکڙو، ڪوڏي ڪوڏي، ڪٻڊي، شوٽنگ بال، اسٽريٽ چلڊرن گيمز (فٽبال، ڪرڪيٽ، ڏيٽي ڏڪر، رسو ڪڏڻ) سميت ٻين روايتي راندين جا مقابلا به منعقد ڪيا ويندا. هن چيو ته هاڪي، نيٽ بال، بيڊمنٽن، ٿرو بال سميت مختلف راندين جي ايسوسيئيشنز کي راندين جي فروغ لاءِ مالي امداد به فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته انهن سرگرمين جو مقصد پوري صوبي ۾ راندين کي هٿي ڏيڻ، نوجوان ٽيلنٽ کي اڳتي آڻڻ، هر ضلعي ۾ صحتمند ۽ مثبت سرگرمين کي فروغ ڏيڻ ۽ عورتن، خاص ماڻهن ۽ روايتي راندين جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو