ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز چوهاڻ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي الزامن جي سختي سان ترديد ڪري ڇڏي.صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز چوهاڻ سينيٽر فروغ نسيم جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته فروغ نسيم چيو آهي ته مڪاني ادارن واري تڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جو عملو سنڌ حڪومت سان مليل آهي، اها ڳالهه بي بنياد آهي، ان ۾ ڪا به صداقت ناهي.اعجاز چوهاڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن تڪ بندين جي حد بندي قانون تحت ڪئي آهي، اليڪشن ايڪٽ، سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۽ رولز ۾ تڪ بندين جو طريقيڪار موجود آهي، ڳوٺاڻن علائقن کي ورهائڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي.صوبائي اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڪنهن به ڪائونسل ۾ سيٽن جو تعداد طئي ڪرڻ به سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي.










