ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صوابي جي اهم شخصيت بلند خان ترڪئي پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي آهي.آصف علي زرداري سان ملاقات کانپوءِ بلند خان ترڪئي پنهنجي خاندان ۽ ساٿين سميت پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو.بلند خان ترڪئي پارٽي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو جڏهن ته آصف زرداري ترڪي خاندان جي شموليت جي آجيان ڪئي.ان موقعي تي بلند خان ترڪئي آصف زرداري کي چيو ته هو خيبرپختونخواهه جي عوام کي پنهنجي سڃاڻپ ڏئي.هن چيو ته خيبرپختونخواهه جا ماڻهو اوهان جا احسان وساري نٿا سگهن.










