ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪافي عرصي کان ميڊيا مان غائب رهندڙ ڊمپل گرل صنم بلوچ اوچتو نمودار ٿي آهي جنهن بعد سندس مداح تازيون تصويرون ڏسي حيران ٿي ويا. سنڌي ميڊيا ۾ هوسٽنگ کان ڪيريئر شروع ڪندڙ صنم هيسباڻي بلوچ جو وزن وڌي ويو آهي ۽ سندس مداح ان تي به حيران آهن. 2020 کان منظر تان غائب صنم جون بليڪ سوٽ ۾ تصويرون ميڪ اپ آرٽسٽ نتاشا لاکاڻي شيئر ڪيون آهن.

6 ڀاءُ ڀيڻن ۾ پنجين نمبر واري صنم 2013 ۾ اداڪار ۽ ميزبان عبدالله فرحت سان شادي ڪئي جيڪا 2018 ۾ ختم ٿي وئي. سندس چوڻ آهي ته سندس والده جي پهرين شادي به ختم ٿي هئي جڏهن هوءَ 3 سالن جي هئي. صنم جي بقول جڏهن سندس والده ٻئي شادي ڪئي ته نئين والد به کيس خوب پيار ڏنو هو. 6 ٻوليون ڳالهائيندڙ صنم بلوچ کي 2 ٻار آهن. وزن وڌي وڃڻ باوجود سندس مداح هن جي خوبصويتي جي تعريف ڪري رهيا آهن.










