صدر جي سالگرهه واري تقريب  منعقد،فريال سميت ٻين جي شرڪت

صدر جي سالگرهه واري تقريب منعقد،فريال سميت ٻين جي شرڪت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر):صدر آصف علي زرداري جي سالگرهه جي موقعي تي سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اسلام آباد ۾ هڪ شاندار تقريب جو انعقاد ڪيو، جنهن ۾ محترمه فريال ٽالپر خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻن، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ پارٽي عهديدارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي محترمه فريال ٽالپر، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين معزز شرڪت ڪندڙن صدر آصف علي زرداري جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ سندس صحت، ڊگهي عمر، قومي سلامتي، جمهوريت جي استحڪام ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون گھريون ویون. تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ نديم افضل چن، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، سنڌ جو گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، وزير محنت واري صوبائي سعيد غني، ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير ذوالفقار علي شاهه، صنعت واري وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آبپاشي ۽ منصوبابندي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو، تعليم وارو وزير سيد سردار شاهه، بابل خان ڀيو، رياض شاهه شيرازي، قومي اسيمبلي جي ميمبرن آغا رفيع الله ۽ عبدالقادر پٽيل، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن قاسم سراج سومرو، امداد پتافي، صلاح الدين جوڻيجو، ممتاز چانگ، علي احمد جان، ارباب لطف الله، عاجز ڌامراهه،سينيٽر روبينا خالد، سينيٽر نديم ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي محترمه فريال ٽالپر چيو ته 18 هين آئيني ترميم، اين ايف سي ايوارڊ، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي)، سرحد کي خيبر پختونخوا کي نالو ڏيڻ ۽ گلگت بلتستان لاءِ آئيني ۽ انتظامي حقن جي طرف پيش رفت صدر آصف علي زرداري جون تاريخي ڪاميابيون آهن، جن وفاق کي مضبوط ڪرڻ، جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ ۽ عوام جي حقن کي يقيني بڻائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته قيد ۽ بند جي سختين جي باوجود، صدر آصف علي زرداري ڪڏهن به پنهنجي جمهوري اصولن تي سمجهوتو نه ڪيو. هن هميشه مشڪل ترين سياسي حالتن ۾ مفاهمت، رواداري ۽ جمهوري قدرن کي فروغ ڏنو ۽ هر موقعي تي قومي مفاد کي ترجيح ڏني. محترمه فريال ٽالپر چيو ته صدر آصف علي زرداري جي سياسي بصيرت، دانشمندي ۽ دور انديشي قيادت ملڪ کي ڪيترن ئي قومي بحرانن مان ڪڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن لاءِ پوري قوم کيس خراج تحسين پيش ڪري ٿي. تقريب ۾ ڳالهائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جمهوري مشن کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندي رهندي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ جمهوري ادارا وڌيڪ مضبوط ٿيندا ۽ پاڪستان ترقي، استحڪام، قومي اتحاد ۽ خوشحالي جي رستي تي تيزي سان اڳتي وڌندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو