لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان فلم ۽ ٽي وي انڊسٽري جي مشهور اداڪارا صبا قمر ٻي شادي بابت چيو آهي ته اسان جي معاشري ۾ مرد جي ٻي شادي قبول ناهي پر 10 معاملا قبول آهن. صبا قمر جي هڪ انٽرويو جي وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ پنهنجي ٻي شادي جي ڳالهه ڪري رهي آهي. صبا قمر چيو ته اسان سڀ بي شرم آهيون، گهر جي ڀتين اندر سڀ ڪجهه ڪريون ٿا پر ٻاهر ڪو به پنهنجو عيب نٿو ڏيکاري. هن چيو ته ”ماڻهن جا 10 معاملا هوندا، ان بابت ڪو به نه ڳالهائيندو، پر جيڪڏهن ڪو ٻيهر شادي ڪندو ته ان کي حقارت جي نظر سان ڏٺو ويندو. صبا قمر ٻي شادي جي حمايت ڪندي چيو ته قانوني طور شادي ڪرڻ غلط ناهي.










