صادق فقير جي ستين ورسي، اديبن پاران ڀيٽا پيش

صادق فقير جي ستين ورسي، اديبن پاران ڀيٽا پيش

نوشھروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ )نامياري راڳي صادق فقير جي ستين ورسي سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشھروفيروز ۽ شاخ بچل مهر پاران نيشنل پريس ڪلب نوشھروفيروز ۾ ملهائي وئي جنهن کي خطاب ڪندي ايم ظفر تڳر۔ ساگر يوسف منگي۔ يونس راڄپر۔ خادم حسين مري۔ امجد ميمڻ۔ قاسم اسراڻ۔ خادم سيال۔ مشتاق مري۔ سهيل احمد راڄپر۔ ثناء الله عباسي۔ ماجد تڳر۔ ذوالفقار تڳر۔ شاهد خانزاده۔ عادل عباسي۔ شاهد کوکر۔ موريل تڳر ۽ ٻين چيو ته صادق سنڌ جو سهڻو ڪلاڪار ۽ عاشق فقير هيو۔ هن سڄي عمر پنهنجي راڳ ذريعي ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماروئڙن جي محبت سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪئي هو نه صرف راڳي هو پر سٺو استاد ۽ اديب هيو جنهن کي مٺيء مان جڏهن براڊڪاسٽر نصير مرزا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي متعارف ڪرايو ته هو سڄي دنيا ۾ ڇانئجي ويو۔ صادق فقير سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺي جو سڪريٽري به رهيو علم۔ ادب۔ راڳ ۾ جيڪا مڃتا ماڻي انهيء کي اسان اڄ ياد ڪري پنهنجو فرض نڀايو آھي۔

پهنجو تبصرو موڪليو