نوشھروفيروز( رپورٽ منظور ملڪ)مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء نوشھروفيروز ضلعي اندر مختلف مزدور يونين تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون۔ ريلي ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ مزدورن جي حاصلات لاء جهنڊا ۽ بينر هئا۔ نوشھروفيروز ۾ فوڊ ايمپلائيز يونين فيڊريشن۔ ساهتي جرنلسٽ ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران فوڊ گودام کان ريلوي ڦاٽڪ تائين ريلي ڪڍي وئي جڏهن ته مورو ۾ عوامي ورڪرز پارٽي۔ مورو ميونسپل ڪميٽي۔ هاڪر يونينز ۽ ٻين مزدور يونينز پاران پريس ڪلب اڳيان ريلي ڪڍي شڪاگو جي شھيدن کي سرخ سلام پيش ڪيو ويو۔ ان موقعي تي اڳواڻن جاويد يونس راڄپر۔ خادم حسين مري۔ محمد بخش گوپانگ۔ گل محمد ڪلهوڙو۔ سيد شڪيل شاه۔ راڻو هاليپوٽو۔ امان الله سولنگي ۽ ٻين چيو ته شڪاگو جي شھيدن مزدورن جي حقن جي حاصلات لاء پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون آھن انهن کي اسان ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون کين سرخ سلام پيش ڪيون ٿا۔ هنن چيو ته مزدورن جي حقن لاء گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ ته مزدور کي ڏينهن رات وڏي محنت ڪرڻ باوجود اجورو تمام گهٽ ڏنو وڃي ٿو۔ هنن چيو ته حڪمران ۽ صنعتڪار طبقو مزدورن جو معاشي استحصال ڪري رهيو آھي ۽ سرمائيدار طبقو نه ٿو چاهي ته مزدورن کي ٻن ويلن جي ماني به نصيب نه ٿئي۔ حڪمرانن طرفان مزدورن کي پنهنجا حق ڏيارڻ انهن جي اولاد کي پڙهائڻ۔ انهن جي علاج سميت مزدورن جي ڀلائي لاء ڪو به ادارو نه ٺاهڻ مزدور سان ناانصافي آھي ان لاء مزدورن لاء آواز بلند ڪندڙ سڀني يونينز ۽ تنظيمن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي مزدورن جي حقن ۽ انهن جي بهتري لاء آواز اٿارڻو پوندو۔ هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون مزدورن ۽ ملازمن جون پگهارون مهانگائي جي تناسب سان وڌائي ملازمن جون پگهارون سون جي تولي برابر ڪري مزدورن جي فلاح و بهبود لاء ادارا جوڙيا وڃن










