شيعا علماء ڪائونسل جي سڏ تي مچ سانحي خلاف احتجاجي ريلي

شيعا علماء ڪائونسل جي سڏ تي مچ سانحي خلاف احتجاجي ريلي

سانگهڙ(نادر بڙدي)شيعا علماء ڪائونسل جي سڏ تي مچھ سانحي خلاف پيرونمل شھر مڪمل طور بند مرڪزي امام بارگاهه پيرونمل اڳيان احتجاجي ڌرڻو هڻي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي سيد گل شاهه زوار سجاد حسين مري استاد ڪرم حسين مير حاجن مري سيد اياز شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندڙن چيو ته حڪومت  ڪوئٽا ۾ رھندڙ ھزارا برادري کي تحفظ ڏيڻ کان مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي ھميشه ڪوئٽا ۾ ھزارا برادري ۽ اھل تشيع ماڻھن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو پر اقتدار ڌڻي ۽ ادارا رڳو تماشو ڏسڻ ۾ پورا آهن، بلوچستان جي علائقي مڇ ۾ ھزارا برادري جي ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي نشانو بڻايو ويو ۽ شھيد ڪيو ويو پر اڃان تائين حڪومت ڪٿي نظربه پئي اچي، افسوس جو مقام آھي وزيراعظم عمران خان پنھجي بني گالا واري رهائشگاهه تي موجود آهي پر ھو شھيد ڪيل ڪوئيٽا واسي نوجوانن جي وارثن کي ملڻ لاءِ تيار نه آهي، مظاهرو ڪندڙن مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور تي وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا وڃي شھيدن جي وارثن جا مطالبا پورا ڪري ۽ ھزارا برادري جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو