ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته شيطان قيد آهي ۽ سياسي شيطان آزاد گهمي رهيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ طلال چوڌري چيو ته عمران هڪ شيطان، فراڊ ۽ ڪوڙو آهي، جيڪڏهن اهڙن شيطانن کي جيلن ۾ وڌو وڃي ته ملڪ مان مهانگائي ختم ٿيڻ گهرجي.طلال چوڌري چيو ته جنهن کي ٽي وي تان ڊالر جي قيمت معلوم ٿيندي هئي اهو ملڪ جو مسئلو حل ڪندو؟ ن ليگ اڳواڻ چيو ته خان صاحب ترين به حقيقي آزادي چاهي ٿو ۽ پاڪستان پرڏيهي فنڊنگ وارن دهشتگردن کان حقيقي آزادي چاهي ٿو.










