شيخوپوره (ويب ڊيسڪ)شيخوپوره ويجهو جي ٽي روڊ تي راوي ريان وٽ ڪار ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.ذريعن موجب ڪار ۾ سوار ڪٽنب خانيوال ۾ شادي ۾ شرڪت ڪري گوجرانوالا واپس وڃي رهيو هو.حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 3 ٻارڙن سميت 6 ڄڻا فوت جڏهن ته 3 عورتون سخت زخمي ٿي پيا.اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته روهڙي ويجهو ٽرڪ ڊرائيور يوٽرن کڻڻ ۾ غفلت ڪئي، جنهن سبب حادثو پيش آيو.ريسڪيو اختيارين موجب فوتين جي سڃاڻپ 22 ورهين جي شهباز، 35 ورهين جي ظهير عباس، 35 ورهين جي ارم شهزادي، 10 ورهين جي عبدالوهاب، 8 ورهين جي عيان ۽ 22 ورهين جي ظهير عباسي جي نالن سان ٿي آهي. 6 ورهين جي ايمان فاطمه جڏهن ته زخمين ۾ نسيم، شميم ۽ خديجه شامل آهن.










