شيخ رشيد جو مولانا ۽ بلاول کي چتاءُ، خبردار اڳتي نه وڌو

شيخ رشيد جو مولانا ۽ بلاول کي چتاءُ، خبردار اڳتي نه وڌو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آھي تھ اندر جِي خبر ٻڌايان ٿو عمران خان ڪيڏانهن نه پيو وڃي، جيڪڏهن عدم اعتماد جي يٿ ڪامياب ٿي ته عوام جو مقبول ليڊر ٿي ويندو ۽ اپوزيشن کي ڪجهه نه ملندو، اپوزيشن وارا ڀلي جلسا ڪن، پر قانون هٿ ۾ کنيو ته سخت ايڪشن ٿيندو. پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو تھ فوج ۽ ادارن دشمنن جا ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا، اڄ عمران خان جو ڏينهن آهي، مال سان ضميرن جو سودو ڪيو پيو وڃي. ھن چيو تھ اندر جي خبر آهي ته اپوزيشن کي ڪجهه به ناهي ملڻو، اندر جي خبر اها آهي ته عمران خان کي ئي رهڻو آهي، وفاقي وزير  چيو ته بلاول کي خبردار ڪريان ٿو ته وزير اعظم جي فيملي بابت نه ڳالهائي. ڪنگز آف ٿري قذافي ۽ صدام جو مال کائي ويا، فضل الرحمان ڦوڪ سان ڏيئو وسائڻ جي ڪوشش نه ڪري، جي يو آءِ ڪشمير روڊ کي بلاڪ ڪري ڇڏيو ته قانون حرڪت ۾ ايندو پوءِ ان جا نتيجا ڪهڙا به نڪرن.  روڊ بلاڪ ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس ڏنو آهي،  لنڊن مان فوج خلاف بيان ڏيندڙ کي ٻڏي مرڻ گهرجي. هن چيو ته ڄام عبدالڪريم کي غير موجودگي ۾ ضمانت ڪيئن ملي؟ اسان کيس گرفتار ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو