شيخ خالد بن محمد بن زيد   ابوظهبي جو ولي عهد نامزد

شيخ خالد بن محمد بن زيد ابوظهبي جو ولي عهد نامزد

دبئي (ويب ڊيسڪ)گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پنهنجي وڏي پٽ شيخ خالد بن محمد بن زايد کي ابوظهبي جو ولي عهد مقرر ڪري ڇڏيو آهي.شاهي فرمان موجب شيخ منصور بن زيد النهيان کي گڏيل عرب امارات جو نائب صدر نامزد ڪيو ويو آهي.صدارتي فرمان ۾ چيو ويو آهي ته شيخ محمد بن راشد به امارات جي نائب صدر جي حيثيت سان فرائض سرانجام ڏيندو رهندو. شاهي فرمان موجب شيخ حذه بن زيد ۽ شيخ طحنون بن زيد کي ابوظهبي جو نائب حڪمران مقرر ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان متحده عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زيد النهيان نئين نامزدگي جو فرمان جاري ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب 41 ورهين جو نئون ولي عهد شيخ خالد اڳ ۾ ئي ابوظهبي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر ۽ ابوظهبي ايگزيڪيوٽو آفيس جو چيئرمين آهي.هن امارات جي ڪيترن ئي وڏن ترقياتي منصوبن جي نگراني ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو