شهيد ڀٽو نه پرڪشمير جو سودو ڪندڙ غدار آهن، بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آھي ته پرويز مشرف ۽ ضياءُ الحق غدار آهن، ڪشمير جو سودو ڪندڙ ۽ اڀي نندن کي چاءِ  پيئاريندڙ شهيد ذوالفقار ڀٽو کي غدار قرار ڏين ٿا؟ هن آزاد ڪشمير جي اليڪشن ڪميشن کان پي ٽي آءِ اُميدوارن کي نااهل قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو . بلاول ڀٽو زرداري سنڌ اسمبي جي آديٽوريم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيوته وزيراعظم ۽ وفاقي وزير آزاد ڪشمير ۾ پنهنجي پارٽيءَ جي چونڊ مهم هلائي رهيا آهن، آزاد ڪشمير جي حڪومت ته پنهنجي پارٽي لاءِ رياستي وسيلا استعمال پئي ڪري، سڀاڻي چونڊون شفاف نه ٿيون ته اُهي آزاد ڪشمير جي تاريخ جون تڪراري ترين چونڊون هونديون، شفاف چونڊون ٿيون ته پ پ کي ڪامياب ٿيڻ کان ڪير نٿو روڪي سگهي، ڪشمير تي ريفرينڊم واري وزيراعظم جي اعلان تي ردعمل ظاهر ڪندي هن چيو ته اسين ان کي رد ڪريون ٿا، عمران خان کي ڪشمير جي تاريخ ۽ حالتن جي ڪابه خبر ناهي، عمران خان جو موقف مودي ۽ پاڪستان دشمنن کي هٿي ڏئي ٿو، کيس خبر هجڻ گهرجي ته وزيراعظم جي حيثيت سان سندس بيان جو اثر ٿيندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو