سپريم ڪورٽ شهيد ڀٽو جي عدالتي قتل جي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪري

سپريم ڪورٽ شهيد ڀٽو جي عدالتي قتل جي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪري

لاڙڪاڻو (ن س) پاڪستان پيپلز پارٽي سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو آهي ته شهيد ڀٽو جي عدالتي قتل بابت صدر آصف علي زرداري جي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪري ۽ ڦاهي واري فيصلي کي تاريخ جو غلط فيصلو قرار ڏئي پنهنجي مٿي تان اِهو داغ ڌوئي. جڏهن ته اِهو پڻ چيو ويو ته ٻن صوبن ۾ چونڊن لاءِ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ معزز ججن جو بينچ مان الڳ ٿيڻ عدم اعتماد آهي ۽ فل ڪورٽ جي درخواست کي به رد ڪري معزز چيف جسٽس هڪ ڌر جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ان لاءِ مطالبو ڪيون ٿا ته چيف جسٽس ان ڪيس کان پاڻ کي الڳ ڪري يا استعيفيٰ ڏئي. سيمينار ۾ مطالبو ڪندي چيو ويو آهي ته آئيني ۽ ملڪي اهم نوعيت جي معاملن لاءِ ملڪ ۾ هڪ الڳ آئيني ڪورٽ قائم ڪئي وڃي جيڪا آئيني ۽ ٻين حساس معاملن کي ڏسي ان بابت وفاقي حڪومت قانوسازي ڪري. اهڙو مطالبو پيپلز پارٽي پاران لاڙڪاڻي جي بيگم نصرت ڀٽو هال ۾ “شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل تي انصاف ڪڏهن ٿيندو ۽ انصاف جا ترازو ڪڏهن برابر ٿيندا” جي عنوان هيٺ ڪرايل سيمينار ۾ قراردادن ۽ پارٽي اڳواڻن پاران ڪيل خطاب ۾ ڪيو ويو. سيمينار کي صدارتي خطاب ڪندي پي پي پي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار احمد کهڙو چيو ته سپريم ڪورٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل بابت پاڻ تي لڳل داغ ڌوئي ۽ انصاف ڪري. هن چيو ته اسين شهيد ڀٽو جي عدالتي قتل جي ٻڌڻي چاهيون ٿا ان لاءِ عدالت صدر آصف علي زرداريءَ جي ريفرنس تي فوري ٻڌڻي ڪري شهيد ڀٽو جي ڦاهي واري فيصلي کي غلطي تسليم ڪري ڇاڪاڻ ته اِهو ئي موقعو آهي ته عدالت انصاف تي ٻڌل فيصلو ڪري پنهنجي عزت بحال ڪرائي. هن چيو ته اسين چونڊن کان ڀڄڻ نه ٿا چاهيون پر اهو ڪهڙو منتطق آهي ته ٻن صوبن ۾ 6 مهينا پهريان ۽ باقي سڄي ملڪ ۾ 6 مهينن کان پوءِ چونڊون ٿين پر جيڪڏهن ٻن صوبن ۾ اڳ ۾ چونڊون ٿيون ته اِهو پاڪستان کي ٽوڙڻ جي برابر هوندو. هن چيو ته ملڪ ۾ پارليامينٽ ۽ اسيمبلين جو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ هڪ ئي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ چونڊون ڪرايون وڃن. نثار کهڙو چيو ته ٻن صوبن ۾ چونڊن واري معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس ۾ ججز به عدم اعتماد ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ چيف جسٽس آف پاڪستان کي ان بابت پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ئي نه گهربو هو پر ڄاڻي واڻي ان معاملي ۾ پاڻ کي ملوث ڪري اڌ پاڪستان ٽوڙڻ جو ذميوار بڻجندو. سيمينار کي پيپلز پارٽي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه چيو ته شهيد ڀٽو جي عدالتي قتل جي مذمت ڪيون ٿا، توهان جي عدالت توهان جي مرضي هئي پر هاڻي ڀٽو جي عدالت پوءِ عوام جي مرضي هلندي، ڇاڪاڻ ته شهيد ڀٽو جو عدالتي قتل ڪري پاڪستان جو قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي ۽ شهيد ڀٽو کان نيوڪليئر پروگرام ڏيڻ جو بدلو ڦاهي ڏئي ورتو ويو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ نيو ڪليئر پروگرام جي خلاف سازش ٿي رهي آهي ۽ ان سازش جو مقابلو ماضي وانگر پيپلز پارٽي ئي ڪندي جيڪڏهن جنگ آهي ته پوءِ شهيد ڀٽو جا جيالا نيوڪليئر پروگرام کي بچائي رهندا. هن چيو ته 55 هزار ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ انصاف جا منتظر آهن پر هڪ شخص کي ڪتر واري مشين وانگر انصاف فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ معزز عدالت اڄ غير جمهوري قوتن لاءِ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته چيف جسٽس صاحب فوري طور پاڻمرادو نوٽيس واري بينچ ٽوڙيو ڇاڪاڻ توهان تڪرار بڻجي چڪا آهيون ان لاءِ بينچ کان به عليحدگي اختيار ڪيو نه ته ان بينچ جي فيصلي کي ڪنهن به صورت قبول نه ڪنداسين. سينيٽر سسئي پليجو چيو ته ملڪ ۾ انصاف جو ترازو برابر ناهي، جيڪي چون ٿا ته اسان کي انصاف ناهي مليو اهي ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي قبرستان اچي ڏسن. هن چيو ته جنهن ملڪ کي آئين ڏنو ان کي ئي ڦاهي ڏني وئي ته اڄ وري عوام جون نظرون ان عدالت تي آهن ۽ ڏسڻو اِهو آهي ته فتح عوام جي ئي ٿيندي يا ماضي واري رِوش ورجائي ويندي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو چيو ته ڀٽو جي عدالتي قتل تي عدالت ڪرائيم سين آهي جنهن شهيد ڀٽو جي ڦاهي جو فيصلو ٻڌايو پر عدالت اڃان تائين ان ڦاهي بابت ريفرنس تي ٻڌڻي نه پئي ڪري ۽ ڀٽو ڪالهه به زندهه هو ۽ اڄ به زندهه آهي. ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو چيو ته ڪجهه قوتون نه ٿيون چاهن ته پاڪستان طاقتور بڻجي ۽ ملڪ ۾ ٽراءِ ڪا موجود آهي جنهن مان اسٽبلشمنٽ ۽ عدليه مضبوط آهي پر سڀ کان مظلوم وزيراعظم آهي. هن چيو ته عدالتي سڌارا اچڻ تائين عوام جي حق ۾ فيصلا اچڻ ۽ ملڪ ۾ بهتري جي توقع نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي ريفرنس تي انصاف جي انتطار ۾ آهي. سيمينار کي عبدالفتاح ڀٽو، خير محمد شيخ، ڊاڪٽر سڪينه گاد، شڪيل ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. سيمينار ۾ مختلف قراردادون منظور ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي ان لاءِ اليڪشن ايڪٽ جي آرٽيڪل 69 جي تحت پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي 5 سالن جي مدت پوري ٿيڻ تي پوري ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرايون وڃن. قرارداد ۾ پڻ اِهو مطالبو ڪيو ويو ته قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي جيڪڏهن ملڪ ۾ ٻيهر ڪنهن نظريه ضرورت کي جنم ڏنو ويو ته سموريون جمهوري قوتون ۽ عوام اهڙن فيصلن خلاف ڀت بڻجي اٿي پوندو ۽ جمهوريت جي تسلسل ۽ پارليامينٽ جي بالادستي تي حملو ڪنهن به صورت برداشت نه ڪنداسين. اِهو پڻ چيو ويو ته مارشلائن کي تحفظ ۽ آئين ڏيندڙ لاءِ عدالتي انصاف جو ٻٽو معيار ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. سيمينار ۾ پي پي پي سنڌ جي صدر جي ترجمان شڪيل ميمڻ ڄاڻايل قرارداون پيش ڪيون جيڪي اتفاق راءِ سان منظور ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو