سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ) قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 41 هين ورسي سڄي ملڪ ۾ سادگي سان ملهائي وئي. بلاول مزار تي حاضري ڀري فاتحه پڙهي، جڏهن ته ان موقعي تي ٿيليسميا جي مريض ٻارڙن جي سهائتا لاءِ ميونپسلٽي شهيد بينظيرآباد جي وائيس چيئرمين خان بهادر ڀٽي پاران بلڊ ڊونيشن ڪيمپ لڳائي وئي جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي جيالن رت جو عطيو ڏئي شهيد کي ڀيٽا پيش ڪئي.

ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي حياتي غريب عوام لاءِ وقف ڪئي هئي، جڏھن ته سندس شهادت پڻ عوامي اصولن ۽ حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد سبب ٿي ڀٽو خاندان قربانين جي علامت آهي جن رت جون قربانيون ڏئي شهادتون ماڻيون اڄ ان ئي روايت کي قائم رکندي قائد عوام جي ورسي جي موقعي تي ٿيليسميا جي مريض ٻارڙن لاءِ بلڊ ڪيمپ قائم ڪئي آهي. ٻئي پاسي ڪيمپ لڳائڻ تي ٿيليسميا ڪيئر سينٽر جي جوائنٽ سيڪريٽري غلام نبي چنه ۽ مينيجر معشوق ڪوريجو وائيس چيئرمين خان بهادر ڀٽي جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته لاڪ ڊائون سبب ٿيليسميا جي ٻارن جي زندگي داءُ تي لڳل هئي اهڙي گهڙيءَ ۾ کين رت جو عطيو ملڻ ڪنهن نعمت کا گهٽ ناهي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جو ضلعي جنرل سيڪريٽري ڏاڏو غلام شاھ لغاري ۽ امام الدين جلباڻي پڻ موجود هئا.










