ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عورتن جي ترقي کاتي واري صوبائي وزير سيده شهلا رضا پاڪستان جي ناليواري ليکڪ، ڊائريڪٽر، ٽي وي ميزبان، ليکڪ، اداڪار ۽ ٿيٽر آرٽسٽ ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ضياءَ محي الدين هڪ دلڪش ۽ دلفريب شخصيت جو مالڪ هو، سندس انداز بيان ڪافي دير تائين ناظرين ۽ حاضرين کي مسڪرائيندو رهيو. هن چيو ته ضياءَ محي الدين هميشه ڪربلا جو واقعو، مزاح ۽ ٻين موضوعن کي نهايت دلڪش انداز ۾ بيان ڪيو. هن چيو ته ضياءَ محي الدين خاص طور اردو ادب ۽ ٿيٽر سان محبت ڪرڻ وارن لاءِ استاد جي حيثيت رکندو هو ، ضياءَ محي الدين جي خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. سيده شهلا رضا دعا ڪئي ته الله پاڪ مرحوم ضياءَ محي الدين جي مغفرت فرمائي، سندس درجات بلند فرمائي ۽ گهرڀاتين سميت سمورن سوگوار پونئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي، آمين.










