شهدادڪوٽ (ن س)شهدادڪوٽ ۾ اي سيڪشن پوليس جي لاڪ اپ مان 3 قيدي فرار ٿي ويا.پوليس اختيارين موجب فرار ٿيل قيدي فائرنگ ۽ قتل جي الزام ۾ حراست هيٺ هئا، جوابدارن کي پوليس 4 ڏينهن اڳ گنڊوا مان گرفتار ڪري شهدادڪوٽ منتقل ڪيو هو.پوليس اختيارين پاران ٻڌايو ويو آهي ته جوابدار فرار ٿيڻ بعد ايس ايڇ او سيڪشن ابراهيم سومرو سميت 5 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين موجب امان الله سومرو کي نئون ايس ايڇ او سيڪشن مقرر ڪيو ويو آهي ۽ جاچ لاءِ ڊي ايس پي ارباب سومرو جي سربراهي ۾ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي.










