ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته شهباز شريف کي چئيلنج ڏيندڙ بلاول عباسي شهيد کي سول ۽ لياقت آباد اسپتال جي ايمرجنسي ڏسڻ گهرجي.سنڌ گورنمينٽ اسپتال لياقت آباد جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ چيو ته اسپتال جي ايمرجنسي حالت ڏسي حيران ٿي ويو آهيان.ڪامران خان ٽيسوري چيو ته ڪراچي شهر ۾ ڪو به بکيو نه رهندو.هن وڌيڪ چيو ته جنهن کي راشن جي ضرورت آهي اها هيلپ لائن 1366 تي ايڊريس لکي، راشن ڏينداسين.










