شهباز شريف ۽ ٻين خلاف آشيانه ريفرنس جي ٻڌڻي ملتوي

شهباز شريف ۽ ٻين خلاف آشيانه ريفرنس جي ٻڌڻي ملتوي

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي احتساب عدالت وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين خلاف آشيانه اقبال ريفرنس جي ٻڌڻي 8 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.احتساب عدالت نمبر 5 جي جج ساجد علي اعواڻ آشيانه اقبال ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ضمني ريفرنس جون ڪاپيون جوابدارن ۾ ورهائي ڇڏيون، نيب ضمني ريفرنس شريڪ جوابدارن جي حد تائين داخل ڪري ڇڏيو.شريڪ جوابدار ڪامران ڪياني بريت جي درخواست داخل ڪئي.ڪامران ڪياني طرفان استدعا ڪئي وئي ته نيب جاچ ۾ شامل ٿي، منهنجي خلاف ڪو به ثبوت ناهي، بري ڪيو وڃي.وزيراعظم شهباز شريف جو وڪيل انور حسين پيش ٿيو، عدالت شهباز شريف کي حاضري کان مستقل استثنيٰ ڏئي ڇڏيو.فواد حسن فواد جا حاضري کان ڇوٽ وٺڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت کين حاضري کان مستقل استثنيٰ پڻ ڏئي ڇڏيو آهي.ان کان علاوه اڳوڻو ڊي جي ايل ڊي اي ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار احد خان چيما، شريڪ جوابدار نديم ضياءَ پيرزادو، ڪامران ڪياني ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو