اسلام آباد(بيورو رپورٽ) توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته شنگهائي ٿرڪول منصوبي مان بجلي جي پيداوار شروع ٿيڻ سان نواز شريف ۽ بينظير جو خواب پورو ٿيو آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خرم دستگير چيو ته شنگهائي ٿرڪول جي منصوبي مان بجلي جي پيداوار شروع ٿي وئي آهي، هي منصوبو 1320 ميگاواٽ جو آهي، 330 ميگاواٽ جو ٿل نووا منصوبو به مڪمل ٿي چڪو آهي.خرم دستگير چيو ته نواز شريف ۽ بينظير جو خواب پورو ٿي ويو آهي، هڪ سال ۾ ٿر مان 1980 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي وئي آهي.وفاقي وزير چيو ته ٿر ۾ ڪوئلي جا 175 ارب ٽن جا ذخيرا آهن ۽ هتان هڪ لک ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش آهي، جڏهن ته ايران-گوادر ٽرانسميشن لائين وڇائي 100 ميگا واٽ وڌيڪ بجلي درآمد ڪرڻ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي.










