شرپسند گروپن خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن جاري آهي، مراد شاهه

شرپسند گروپن خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن جاري آهي، مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪجهه گروپس پاڙيسري ملڪن جِي حمايت سان مسئلا پيدا ڪرڻ گهرن ٿا، ڪجهه قومپرست گروپ استعمال ٿيڻ لاءِ سدائين تيار آهن، شرپسند گروپس خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مانيٽرنگ ۽ ڪوآرڊينيشن سان حالتون ڪنٽرول ۾ آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کي آگاهي، اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو آهي ته ايپيڪس ڪميٽي جي فيصلن سان بهتر نتيجا مليا آهن، صوبي ۾ امن امان لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ نئين مقرر ڪيل ڪور ڪمانڊر، ڊي جي رينجرز، سيد ناصر شاهه، مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، آءِ جي پوليس مشتاق مهر، سيڪريٽري داخلا، ڪمشنر ڪراچي ۽ مختلف ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. ياد رهي ته 2015 ۾ قائم ٿيل ايپيڪس ڪميٽي جو ڳچ عرصي بعد اجلاس ٿيو آهي. آءِ جي سنڌ پوليس بريفنگ دوران ٻڌايو ته 2020 ۾ دهشتگردي جو صرف هڪ واقعو پيش آيو،  2019 ۾ ٽارگٽ ڪلنگ جا 12 ڪيس ٿيا هئا، 72 اغوا، ڀتا خوري جا 166 ڪيس ۽ 1539 قتل ٿيا، 2020 ۾ 8 ٽارگٽ ڪلنگ جا واقعا ٿيا، اغوا جا 207، ڀتا خوري جا ڪيس 158 ۽ 1525 قتل ٿيا، سچل ڳوٺ مان رووليشنري آرمي جا 4 نمائندا جن جو ڀارتي ايجنسي را سان رابطو هو، تن کي گرفتار ڪيو، اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي ۾ بي ايل اي جا 4 دهشتگرد ماريا، سکر پوليس ٽي ٽي پي جا 2 دهشتگرد ماريا، لاڙڪاڻو پوليس پٺاڻ ناريجو سميت 6 ڌاڙيل ماريا، خيرپور جي مونيڪا ۽ ڪشموري ۾ عليشا ڪيس جا جوابدار گرفتار ڪيا ويا. ايڊيشنل آءِ جي ٻڌايو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي 2019 ۾ هڪ ۽ 2020 ۾ 9 حملا ٿيا. 2013 کان 2019 تائين 509 ٽارگٽ ڪلنگ جا واقعا ٿيا. وڏي وزير جي ترجمان عبدالرشيد چنا جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته اجلاس کي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري هوم ٻڌايو ته 30 دهشتگردن کي ملٽري ڪورٽ مان موت جي سزا ملي، دهشتگردي ٽوڙ عدالتن مان 108 ڏوهارين کي موت جي سزا ملي، ملٽري ڪورٽ ۾ 16 ۽ اينٽي ٽيررازم ڪورٽس ۾ 102 اپيلون التويٰ ۾ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو