شرعي عدالت جو اڳوڻو چيف جسٽس حاذق الخيري مٽيءَ ماءُ حوالي

شرعي عدالت جو اڳوڻو چيف جسٽس حاذق الخيري مٽيءَ ماءُ حوالي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي شرعي عدالت جي اڳوڻي چيف جسٽس ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس (ر) حاذق الخيري جي مڙهه کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.رپورٽ مجب جسٽس(ر) حاذق الخيري سنڌ جي محتسب، سنڌ مسلم لا ڪاليج جو پرنسپل ۽ نظرياتي ڪائونسل جي ميمبر طور به خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي. هو اردو جي مشهور اديب علامه راشد الخيري جو پوٽو هو.سندس جنازي نماز اڄ ٻنپهرن جو 01:30 وڳي ظهر جي نماز کان پوءِ مبارڪ مسجد فيز 5 ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ ادا ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو