شب معراج جي موقعي تي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻايو

شب معراج جي موقعي تي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻايو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ جي هدايتن تي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪراچي واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان واٽر بورڊ جي اعليٰ آفيسرن کي ھدايتون جاري ڪندي چيو تہ شب معراج 27 رجب المرجب جي موقعي تي سڄي شهر خاص ڪري مسجدن، عبادتگاهن، مدرسن، خانقاهن، مدرسن ۽ درگاهن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا خاص انتظام مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، هن چيو تہ شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي ليڪيجز کي بند ڪيو وڃي ۽ سمورين مسجدن، مدرسن، عبادت گاھن ۽ درگاهن جو معائنو ڪري سيوريج اوور فلو جو خاتمو ڪيو وڃي، هن چيو تہ شب معراج کان اڳ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي سموري نظام جو معائنو پڻ ڪيو وڃي، جتي جتي اوور فلو جون شڪايتون ھجن اتي سيوريج راڊنگ، جيٽنگ مشينن سان نيڪالي واري نظام کي بھتر ڪيو وڃي،ترجمان عبدالقادر شيخ جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته ايم ڊي واٽر بورڊ سمورن سپرنٽينڊنٽ انجنيئرن کي هدايت ڪئي تہ اھي چونڊيل عوامي نمائندن سميت مسجدن، ديني، مذهبي ڪميٽين ۽ فلاحي تنظيمن جي اڳواڻن سان مڪمل رابطي ۾ رهن، ايم ڊي واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان جو وڌيڪ چوڻ هو تہ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ جي هدايتن تي واٽر بورڊ عملدار پنهنجا فرائض ايمانداري سان سرانجام ڏيندي شهرين وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو