اسلام آباد(اياز مهر) برطانوي شاهي جوڙو5 ڏينهن جي دوري بعد واپس روانو ٿي ويو آهي. ان کان اڳ لاهور ۾ رات گذارڻ بعد اسلام آباد پهتو هو، خميس تي لاهور ۾ ڀررپور مصروف ڏينهن گذارڻ بعد جڏهن اسلام آباد آيو پئي ته موسم خرب هئڻ سبب لينڊ نه ڪري سگهيو ۽ واپس لاهور ويو هو. جتي هوٽل ۾ رات گذارڻ بعد جمع جي صبح اسلام آباد پهتو. کين خبر پاس ڏسڻي هئي پر ڪو نه وڃي سگهيا. هو جمعه تي شام جو واپس روانو ٿي ويو. شاهي جوڙو ڪراچي نه ويو جنهن تي ڪراچي واسين ٽوئٽر تي تنقيد به ڪئي ۽ سندن ڪراچي جي فرضي دوري جون تصويرون ميميز جي شڪل ۾ جاري ڪيون. هڪ تصوير ۾ هو نائن زيرو ۾ داخل ٿين پيا ته ٻئي ۾ نهاري هوٽل ٻاهران بيٺل آهن.

شهزادو وليم ۽ سندس وني شهزادي ڪيٽ مڊلٽن لاهور ۾ خميس ڏينهن ڪرڪٽ اڪيڊمي ۾ ڪرڪيٽ کيڏيا، بادشاهي مسجد ۽ ٻيون جڳهون گهميون، ايس او ايس وليج ۾ ٻن ٻارن جي سالگرهه ۾ شرڪت ڪرڻ بعد شوڪت خانم لاهور جو دوري ڪري واپس اسلام آباد اچي رهيا هئا ته موسم جي خرابي سبب واپس لاهور هليا ويا.













