لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي جناح هائوس، عسڪري ٽاور حملي ۽ گهيرو ڪرڻ سميت 6 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ 2 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج اعجاز احمد بٽر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.شاهه محمود قريشي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وڪيلن کان ضمانت واري درخواست تي دليل طلب ڪري ورتا.










