شاهد خاقان عباسي دل جي تڪليف سبب اسپتال منتقل

شاهد خاقان عباسي دل جي تڪليف سبب اسپتال منتقل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي دل جي تڪليف سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.مري جي اسپتال ذريعن موجب، طبي معائني کان پوءِ شاهد خاقان عباسي کي ٻه اسٽنٽ لڳايا ويا. اڳوڻي وزيراعظم جي حالت هاڻي مستحڪم ۽ اطمينان بخش آهي.خانداني ذريعن موجب، شاهد خاقان عباسي کي مڪمل آرام ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.سندس ويجهن ساٿين ۽ پارٽي اڳواڻن سندس صحتيابي لاءِ دعا جي اپيل ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو