شاهد خاقان جي سياسي سرگرمين تي ن ليگ جي قيادت پريشان

شاهد خاقان جي سياسي سرگرمين تي ن ليگ جي قيادت پريشان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي مختلف سياسي ڌڙن جي اڳواڻن سان سياسي سرگرمين سان ن ليگ جي مرڪزي قيادت پريشان آهي ۽ هن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ مريم نواز جي سربراهي ۾ ن ليگ جي وفد جي هن سان ملاقات به متوقع آهي.ليگي ذريعن مطابق نوازشريف مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائزر مريم نواز کي شاهد خاقان عباسي جا خدشا ختم ڪرڻ جو ٽاسڪ ڌنو آهي.شاهد خاقان کي پارٽي قيادت جي ڪيترن ئي وڏن فيصلن تي تحفظات آهن، شاهد خاقان مفتاح اسماعيل کي هٽائي اسحاق ڊار کي ناڻي وارو وزير بڻائڻ جي حق ۾ نه هو، جڏهن ته پارٽي جي سينئر نائب صدر جي عهدي تان هٽائڻ شاهد خاقان جي ناراضگي جو وڏو سبب آهي.هن لاءِ پنهنجي جاءِ تي مريم نواز کي اوچتو ن ليگ جو سينئر نائب صدر بڻائڻ جو فيصلو شاهد خاقان عباسي لاءِ سرپرائز هو، شاهد خاقان مريم نواز جي آجيان لاءِ لاهور به نه ويو هو، عباسي کي پارٽي اندر ڪيترن ئي اڳواڻن جي حمايت حاصل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو