شاهد آفريدي منهنجي لاءِ تحفا آڻيندو هو: هرڀجن سنگهه

شاهد آفريدي منهنجي لاءِ تحفا آڻيندو هو: هرڀجن سنگهه

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽر هرڀجن سنگهه پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي بابت انڪشاف ڪيو آهي.هڪ ڀارتي يوٽيوب چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ هر ڀجن سنگهه پاڪستاني رانديگرن سان پنهنجا تجربا شيئر ڪيا.اڳوڻي آف اسپنر جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم ۾ شاهد آفريدي منهنجو دوست هوندو هو ۽ مون کي مختلف شيون تحفي طور آڻيندو هو.هرڀجن سنگهه ٻڌايو ته لالا مون کي پنجابي ڊراما ۽ پشاوري بوٽ لاهيندو هو.هن چيو ته ثقلين مشتاق سان منهنجي به دوستي هئي، مان ساڻس ڪرڪيٽ بابت ڳالهائيندو هوس.هر ڀجن سنگهه چيو ته ثقلين مشتاق کانپوءِ سڄي پاڪستان ٽيم سان ملاقات ڪئي.هن جو چوڻ آهي ته مونکي ياد آهي 1999 ۾ پاڪستان خلاف دهلي ٽيسٽ جڏهن انيل ڪمبلي اننگز ۾ 10 وڪيٽون ورتيون هيون.ڀارتي ڪرڪيٽر جو وڌيڪ چوڻ هو ته پهريون ڀيرو مون کي سٺو لڳو ته هڪ اننگز ۾ هڪ به وڪيٽ نه ورتي، هڪ اننگز ۾ 10 وڪيٽون حاصل ڪرڻ وڏي ڪاميابي آهي.هن اهو به چيو ته ڪمبلي جي 6 وڪيٽون وٺڻ کانپوءِ منهنجي خواهش هئي ته مون کي هڪ به وڪيٽ نه ملي، مان چاهيان ٿو ته انيل ڪمبل پاڪستان خلاف اننگز ۾ 10 وڪيٽون حاصل ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو