سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو  هڪ ڄڻو قتل هڪ زخمي

سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو هڪ ڄڻو قتل هڪ زخمي

خيرپور (سجاد علي ڪٻر) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد اوستاگاهي ۾ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو،جهيڙي ۾ فائرنگ, لتن مڪن ۽ ڏنڊن جو آزادانه استعمال ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو 60 سالا علي گوهر شيخ مارجي ويو،جڏهن ته هڪ عورت انورخاتون زخمي ٿي پئي، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال خيرپور مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏي آهي، پوليس شڪ جي بنياد تي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو