سکر (ن س)سکر جي علائقي گلشن اقبال ۾ ڪار ۾ ساهه گهٽجڻ ڪري 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته گهر ۾ خيرات ڏني پئي وڃي، جڏهن ته ٻارڙا وڃي گاڏي ۾ ويٺا.گهر ڀاتين هر هنڌ ٻارن کي ڳوليندا رهيا، 2 ڪلاڪن بعد ٻارڙا ڪار ۾ پيل لاش هٿ آيا.پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿي ويلن ۾ 4 ورهين جي عليشا ۽ 2 ورهين جو رضا قريشي شامل آهن.










