سکر( رپورٽ۔امداد گل ڪلوڙ )سکر ڊويزن ۾ ايس ايڇ اوز جي مقرري لاءِ تحريري امتحان ورتو ويو ايس ايڇ اوز جي اڪثريت آڱوٺي ڇاپ نڪتي سکر خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن سان تعلق رکندڙ ايس ايڇ اوز جو ڊي آءِ جي سکر آفيس ۾ امتحان ورتو ويو پهرين مرحلي ۾ 109 ايس ايڇ اوز امتحان ۾ ويٺا، 46 ڪامياب ۽ 63 ڄڻا فيل ٿي پيا فيل ٿيندڙ ايس ايڇ اوز کي وڌيڪ هڪ موقعو ڏيندي 27 آڪٽوبر تي ٻيهر امتحان وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاھ،ايس ايس پي سکر امجد شيخ ۽ ايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو ايس ايڇ اوز کان امتحان ورتو.










