سکر / اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي سبب ڪيترن ئي هنڌن تي موٽر وي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا.موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب، موٽر وي M3 سامونڊي کان رجانا تائين، جڏهن ته موٽر وي M4 فيصل آباد کان ملتان تائين ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو.ساڳئي طرح، موٽر وي M5 ملتان کان ظهير پير تائين ڳري گاڏين لاءِ بند ڪيو ويو.










