اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تبديلي هڪ مسلسل عمل جو نالو آهي. اصل ريٽائرمينٽ ته صرف قبر ۾ ئي ٿيندي آهي. ڊيجيٽل ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام مان صرف 3 هزار ماڻهو 70 سيڪڙو ٽيڪس ڏينداآهن. اسان جيڪو ٽيڪس گڏ ڪندا آهيو ان مان اڌ گذريل حڪومتن جي کنيل قرضن جي قسطن ۾ هليو ويندو آهي. منهنجي زندگي ته تمام گهڻي آسان ٿي وڃي جيڪڏهن مان هنن کي اين آر او ڏئي ڇڏيان پر اها پاڪستان جي تباهي آهي.وزيراعظم چيو ته انقلاب جو مطلب هوندو آهي اسٽيٽس جي تبديلي ان لاءِ لاڳيتو جدوجهد جي ضرورت آهي. تبديلي هڪ لاڳيتو مسلسل عمل جو نالو آهي هي ڪو سوئچ ناهي جنهن کي آن ڪريون ته تبديلي اچي وڃي. عمران خان چيوته اسان هڪ فيصلي واري مرحلي تي آهيون. اسان جي برآمدات وڌي رهي آهي. ڪنسٽرڪشن انڊسٽري ٽيڪ آف ڪري رهي آهي.سروس انڊسٽري هن وقت سڄي دنيا ۾ بحران جو شڪار اهي جڏهن اوهان خرچ گهٽ ڪندا آهيو ته ڊيمانڊ کي هيٺ آڻيندا آهيون. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڀارتي وزيراعطم نريندرمودي جي حڪومت جو هڪ ئي مقصد آهي ته پاڪستان ۾ ڪيئن به ڪري انتشار پکيڙڻو آهي اصل ريٽائرمينٽ ته صرف قبر ۾ ئي ٿيندي آهي.










