سڄي سنڌ ۾ بوڏ متاثرن جي  حالت گھڻي ڏکوئيندڙ آهي:ام رباب

سڄي سنڌ ۾ بوڏ متاثرن جي حالت گھڻي ڏکوئيندڙ آهي:ام رباب

ڪراچي (رپورٽر ) ميهڙ سان تعلق رکندڙ مظلوم نياڻي ام رباب چانڊيو چيو آهي ته ته سڄي سنڌ ۾ بوڏ ۽ برسات سبب متاثرن جي حالت تمام گھڻي ڏکوئيندڙ آهي .متاثر بي يارو مدد گار ويٺل آهي سنڌ سرڪار ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي واهر ڪرڻ لاء فوري قدم کڻي نه حالتون سنگين ٿي وينديون اهڙو اظهار ام رباب چانڊيو ڪراچي سچل ڳوٺ شاهنواز شر رليف ڪئمپ ۾ دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هن وقت سياست جي نه پر متاثرن جي واهر ڪرڻ لاء عملي طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته سڄي سنڌ ۾ بوڏ ۽ برسات متاثرن جي تمام گهڻي خراب آهي جن سان رڳو همدردي نه پر عملي مدد جي ضرورت آهي. برسات ۽ ھٿراڌو ٻوڏ سبب سنڌ ۾ تمام وڏي تباهي ٿي آھي جنهن جو ازالو ڪرڻ ڪنهن به آرگنائيزيشن جي وس جي ڳالھ ناهي پر جس هجي سماجي ماڻھن کي جيڪي پنهنجي وت ۽ وس آھر ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي واهر ڪن پيا هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۽ وفاقي سرڪار ڪٿي به مصيبت جي ماريل ماڻھن جي مدد ڪندي نظر ڪو نه پيون اچن. جيڪڏهن سرڪار فوري طور متاثرن جي واهر نه ڪئي ته حالتون سنگين ٿي وينديون .ان موقعي تي ام رباب چانڊيو ڪيمپ جي دوري جي موقعي تي متاثر عورتن سان ملي ۽ انهن کان مسئلا معلوم ڪيا ٻوڏ متاثر ٻارڙن ۾ جوس ۽ بسڪيٽ ورهايا. ان موقعي تي عرفان عالماڻي مزاحيه اداڪار اڪبر اترادي. شعبان عالماڻي. ماجد سمون. قمرڪانڌڙو. ڊاڪٽر عبدالعليم ميمڻ, نظير بهار وڌيو ساجد مغل. پرويز چانڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو