سپريم ڪورٽ، قومي اسيمبلي جي ڪارروائي جو رڪارڊ طلب

سپريم ڪورٽ، قومي اسيمبلي جي ڪارروائي جو رڪارڊ طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن کي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي خط کانپوءِ رجسٽرار سپريم ڪورٽ جوابي خط لکي ڇڏيو.ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي خط لکي قومي اسيمبلي جي ڪارروائي جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.رجسٽرار آفيس قومي اسيمبلي جي 5 اجلاسن جي ڪارروائي جو لکت ۾ رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، ان کان علاوه ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جو رڪارڊ به اسپيڪر آفيس کان طلب ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب رجسٽرار آفيس 6، 10، 17، 26 ۽ 27 اپريل جي اجلاسن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم ۽ ڪارروائي تي سوالن جا جواب طلب ڪيا ويا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر خط ۾ پارليامينٽ ۾ سپريم ڪورٽ جي مداخلت جو ذڪر ڪيو هو، جنهن کانپوءِ رجسٽرار عدالتي مداخلت بابت اسپيڪر کان رڪارڊ طلب ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو