لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ سينارٽي مطابق آرمي چيف مقرر ڪرڻ بابت دا خل درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ قرار ڏئي اڪلائي ڇڏي. ايڊوڪيٽ نجمه امجد پنهنجي وڪيل طارق عزيز ذريعي پٽيشن داخل ڪئي هئي. جنهن ۾ هن چيو هو ته عدالت وزيراعظم کي حڪم جاري ڪري ته فوج پاران جيڪي پنج نالا ڏنا ويندا آهن انهن مان ٽاپ سينئر کي آرمي چيف مقرر ڪري ۽ هو پنهنجي صوابديد استعمال نه ڪري. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جهڙي طرح ڪنهن به هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ جا چيف جسٽس سينارٽي تي مقرر ٿيندا آهن اهڙي طرح آرمي چيف به سينارٽي تي مقرر ڪيو وڃي. درخواست تي رجسٽرار اعتراض ڪيو ته ٻڌڻ جوڳي نه آهي. جنهن خلاف هن اپيل ڪئي ته جسٽس فيصل زمان خان رجسٽرار جي اعتراض جي تائيد ڪندي درخواست کي ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ جو فيصلو ڏنو ۽ اڪلائي ڇڏيو. جج درخواست گذار کي چيو ته اوهان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري سگهو ٿا.










