لاهور (ويب ڊيسڪ)سينئر سياستدان ۽ 1965ع جي جنگ جو هيرو، ميجر (رٽائرڊ) راجا نادر پرويز، 83 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.راجا نادر پرويز فيصل آباد مان چار ڀيرا ۽ راولپنڊي مان هڪ ڀيرو قومي اسيمبلي لاءِ چونڊيو ويو.1965ع جي جنگ ۾ سندس بهادري جي ڪري کيس ستاره جرئت سان نوازيو ويو.راجا نادر پرويز 1971ع ۾ فتح ڳڙهه ۾ هندستاني ڪئمپ مان فرار ٿي ويو ۽ اوڀر پاڪستان ۾ جنگي قيدي بڻجڻ کان پوءِ پاڪستان پهتو.فوج مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ، راجا نادر پرويز سياست ۾ داخل ٿيو.










