سيلابي ريلي غوثپور پهچي ويو، خصوصي پراٿنائون

سيلابي ريلي غوثپور پهچي ويو، خصوصي پراٿنائون

غوثپور (ن سنڌيار) برسات سان لاڳاپيل خبرون غوثپور جي ھندو برادري لاڳيتو ڏيڍ مھيني کان جاري برساتن سبب علائقي ۾ آيل تباھي کي ڏسي درياء شاھ دادلي وٽ پھچي ويئي۔ خصوصي پراٿنائون ڪيون ويون۔۔ شھر جي ھندو پئنچايت جي مکي سريش لال تلريجا جي اڳواڻي ۾ ھندو برادرري جي سوين ماڻھن اڄ غوثپور ۽ آسپاس جي مختلف ڳوٺن ۾ لاڳيتو مون سون جي برسات سبب ٿيل تباھي جي روڪٿام لا۽ شھر ڀرسان بيگاري سنڌ فيڊر ڪئنال جي ڪناري تي پھچي خصوصي پرٿنائون ڪرڻ لا۽ پھچي ويئي۔ ان موقعي تي ڌڪڙ ۽ باجا کڻي پاڻي جي پير لال سائين کي ٻاڏايو ويو۔ ڀڄن ڳائي پرٿنائون ڪيون ويون۔ ۽ درياء شاھ دادلي کي چانورن جون مٺيون ديڳون ارپڻ ڪيون /کارايون ويون۔ ان موقعي تي ھندو پئنچايت جي مکي جي اڳواڻي ۾ سوين ھندو برادري جي ماڻھن جھوليون جھلي درياء شاھ کي ٻاڏائيندي تباھي کان ٽارو ڪرڻ ۽ مسڪينن جون پڪارون ٻڌڻ جي وينتي ڪئي۔ ان موقعي تي پئنچايت طرفان آيل عقيدت مندن ۾ مٺا چانور ۽ شربت پڻ ورھايو ويو۔

پهنجو تبصرو موڪليو