ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه جي طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس ڪراچي جي خانگي اسپتال جي انٽيسيو ڪيئر يونٽ (آءِ سي يو) ۾ داخل ڪيو ويو آهي.تفصيل موجب ترجمان خواجا نويد امين سيد زين شاهه کي خانگي اسپتال جي آءِ سي يو ۾ منتقل ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته نمونيا سبب سندس ڦڦڙن کي متاثر ڪيو ويو آهي، عوام کان سندس صحتيابي لاءِ دعا جي درخواست آهي.رپورٽن مطابق ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته سيد زين شاهه اڃا تائين آءِ سي يو ۾ آهي ۽ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته کيس جلد صحتياب ڪيو وڃي.










