سياسي پوائنٽ اسڪورنگ بدران ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي: وزيراعطم

سياسي پوائنٽ اسڪورنگ بدران ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي: وزيراعطم

دادو (رپورٽر) وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته ٻوڏ کان پوءِ هن مشڪل وقت ۾ متاثرن جي مدد نه ڪرڻ منهنجي نظر ۾ ان کان وڏي زيادتي ۽ ظلم ٻيو ڪوئي نٿو ٿي سگهي جلسا ۽ جلوس ڪرڻ بدران متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کان پاسو ڪرڻ گهرجي اها ڳالهه هن ٻوڏ متاثر ضلعي دادو جي دوري تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي ان سان گڏ وڏو وزير مرادعلي شاهه ۽ ٻيا به موجود هئا وزيراعظم متاثر دادو جي علائقي جاکرو ويو جتي خيما وسندي جو دورو ڪندي هن ٻوڏ متاثرن سان ملاقاتون ڪيون هن متاثرن سان همدردي جو مظاهرو ڪيو ۽ امدادي ڪمن جو جائزو ورتو وزيراعظم کي ٻڌايوويو ته رڳو دادو ۾ ٻوڏ سبب 37 ماڻهو فوت ٿيا دادو ضلعي جا سمورا علائقا ٻوڏ سان متاثر ٿيا اتي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا متاثرن کي ٽينٽ ۽ ٻين شين جي ضرورت آهي وزيراعظم شهبازشريف دادو ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو ۽ خيما وسندي ۾ قائم اسڪول ۾ تعليم هيٺ ٻارڙين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هن متاثر ڳوٺ جاکرو ۾ ٻوڏ متاثرن سان ملاقات، ۽ ميڊيڪل ڪئمپ جو دورو به ڪيو شهبازشريف چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪندڙن جو ٿورائتو آهيان جيڪي پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪري رهيا آهن صوبائي حڪومت ٻوڏ سٽيلن لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهيون آهن سنڌ ۾ مرادعلي شاهه ايڪٽو آهي خيما لڳل آهن ۽ دوائون ورهايون پيون وڃن فورسز جا جوان به امدادي ڪمن ۾ مصروف آهن هن چيو ته هن مصيبت جي گهڙي ۾ جيڪڏهن ڪا خرابي اچي ته ان کي اڳتي وڌي ٺيڪ ڪرڻ گهرجي نڪي ان کي سياسي رنگ ڏنو وڃي ٻوڏ سان 3 ڪروڙ 30 لک متاثر ٿيا ٻوڏ کان پوءِ هاڻي بحالي جو ڏکيو مرحلو آهي، هزارين ڪلوميٽر روڊ رستا تباهه ٿي ويا آهن انفرااسٽريڪچر تباهه ٿي ويو آهي اسان کي حوصلي سان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي وزيراعظم چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ سمورن شعبن جا ماڻهو گڏجي ڪم ڪن ٿا اسان کي سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي سياسي گيم ۾ نمبر اسڪورنگ کان پاسو ڪندي هن مصيبت جي ماريل قوم جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکيو وڃي نڪي جلسا جلوس ڪري سياست ڪئي وڃي ۽ هنن مصيبت جي ماريل ماڻهن جي واهر نه ڪئي وئي ته ان کان وڏو ظلم ڪهڙو هوندو. شهبازشريف چيو ته ٻوڏ ملڪ ۾ وڏي تباهي مچائي آهي ڪيترن ئي علائقن ۾ پلون لڙهي ويون رستا تباهه ٿي ويا هن سنڌ حڪومت جي ساراهه ڪندي چيو ته صوبائي حڪومتون متاثرن لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهيون آهن خيمن ۾ دوائن جو انتظام آهي ٻوڏ متاثرن لاءِ کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن هن چيو ته پاڪستان نيوي ۽ پاڪستان آرمي، پوليس، پي ڊي ايم اي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيون آهن سيلاب سان 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا لکين گهراڻا بي گهر ٿي ويا متاثرن جي مدد لاءِ ريسڪيو جو ڪم جاري آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر، ٽيچر، سياستدان ۽ هر شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو هن مشڪل وقت ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن ۾ اسان پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي هر فورم تي پاڪستان جي مشڪلات جي حواليس ان ڀرپور آواز اٿاريو آهي دنيا پاڪستان جي اهنجن کان آگاهه آهي هن ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد موڪلڻ تي سمورن ملڪن جو شڪريو ادا ڪيو هن چيو ته ملڪ ۾ پهاڙ جيڏا چئلينج اسان اڪيلي سر حل نٿا ڪري سگهون دنيا کي اسان سان گڏجڻو پوندو ڇو ته هي انسان جي آندل آفت آهي هن ماحولياتي گدلاڻ ۾ اسان جو ڪردار ۽ حصو تمام گهٽ آهي عالمي سطح تي ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ اسان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران 25 هزار رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو هن وقت تائين 42 ارب رپيا ورهائجي چڪا آهن دادو ۾ جن خيمن ۾رقم ناهي ورهائي وئي اتي به رقم ورهائي وڃي اسان هن مشڪلن مان نڪرنداسين ۽ پاڪستان کي ٻيهر آباد ڪنداسين سيلاب سان جنگ ۾ الله اسان کي فتح ڏيندو سمورا وسيلا ڪتب آڻي ملڪ ٻيهر ترقي ڪندو شهبازشريف چيو ته سمرقند ۾ شنگهائي ڪانفرنس ۾ ٻوڏ جي معاملي تي مان ۽ پرڏيهي وزير بلاول سگهارو آواز اٿاريو ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن پاڪستان سان تعاون تي خاطري ڪرائي انهن جا ٿورائتا آهيون جڏهن ته مدد ڪندڙن کي اڃا وڌيڪ اڳيان اچڻو پوندو دنيا کي اسان سان گڏ بيهڻو پوندو هن چييو ته ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ 1600 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 30 ارب ڊآلر جو نقصان ٿيو هي جيڪا آفت آيل آهي هي انسانن جي پنهنجي پيدا ڪيل آهي ڪجهه ملڪ فضا ۾ ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳتي آهن انهن جي ڪري هي گهڻيون برساتون ٿيون جڏهن ته پاڪستان فضا ۾ ڪاربن خارج ڪرڻ جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي اسان جو ڪوئي قصور نه آهي اسان ٻين جي سزا ڀوڳي رهيا آهيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو