اسلام آباد (م ڊ) سوشل ميڊيا گذريل ڪجهه سالن ۾ سياسي پارٽين جي وچ ۾ اهم جنگ جو ميدان رهيو آهي ۽ ٽوئٽر تي هيش ٽيگ ذريعي ڏينهن رات هڪ ٻئي تي حملن کان پوءِ ’جنگ‘ هاڻي هڪ ٻئي سماجي رابطن واري پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ تي منتقل ٿي وئي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي هيش ٽيگ ”امپورٽڊ گورنمينٽ disapproved“ کي ٽڪ ٽاڪ تي 93 ڪروڙ 30 لک رڪارڊ ويوز تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته ٽوئيٽر تي اهو ئي هيش ٽيگ اپريل جي آخري هفتي ۾ 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ٿي ويو هو. ٽڪ ٽاڪ دنيا جو سڀ کان وڏو شارٽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم آهي، جنهن کي هن وقت تائين مرڪزي سياسي پارٽين سنجيدگيءَ سان نه ورتو آهي پر هاڻي ته پي ٽي آءِ جي حامين هتي به حملو ڪري ڇڏيو آهي.










