اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر صحيح چوي ٿو، ڪجهه عسڪري نمائندن جو خيال هو ته کين سازش جون شاهديون نظر نٿيون اچن هن چيو ته سويلين مان اڪثر جو چوڻ هو ته سازش نظر اچي ٿي ۽ اها هڪ راءِ هئي، عمران خان آرڊر جاري نه ڪيو ته آئون چوان ٿو سازش آهي ته سڀ مڃي وٺو اسد عمر چيو ته اسان ائين نٿا چئون ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي تجزئي کي نه مڃيو وڃي، رڳو مطالبو آهي ته قوم کي حقيقت کان آگاهه ڪيو وڃي، خط ۾ مداخلت جا لفظ استعمال ٿيا هئا شيرين مزاري چيو آهي ته عمران خان طرفان ايبسوليوٽلي ناٽ چوڻ بعد سازش شروع ٿي، سُپريم ڪورٽ عدالتي ڪميشن ذريعي جاچ ڪرائي ته خط سازش هو يا نه










