اي سي ايل مان نالا ڪڍڻ واري درخواست رد

اي سي ايل مان نالا ڪڍڻ واري درخواست رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ۽ ٻين ڪيسن کي منهن ڏيندڙ وزير اعظم شهباز شريف سميت 200 سياستدانن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.موجب چيف جسٽس احمد علي ايم شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ سيد محمود اختر نقوي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ موجوده وزيراعظم سميت 200 کان وڌيڪ هاءِ پروفائيل ماڻهن کي عهدي تان هٽائڻ واري نوٽيفڪيشن کي چئلينج ڪيو ويو هو. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته انهن هاءِ پروفائل جوابدارن جا نالا قومي احتساب بيورو ۽ وفاقي جاچ اداري جي سفارش تي اي سي ايل ۾ داخل ڪيا ويا. هن چيو ته هاءِ پروفائيل جوابدارن تي سنگين فوجداري الزام آهن جن مبينه طور تي قومي خزاني کي لٽيو ۽ رقم پرڏيهه منتقل ڪئي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته اڳوڻي وفاقي حڪومت انهن ماڻهن کي لاڳاپيل عدالتن جي هدايتن تي نو فلائي لسٽ ۾ شامل ڪيو هو، ان ڪري عدالتن جي اڳواٽ حڪمن کانسواءِ انهن جا نالا لسٽ مان نه ٿا ڪڍي سگهجن. هن چيو ته آئين جو آرٽيڪل 248 فوجداري ڪيسن ۾ ٽرائل کي منهن ڏيڻ جي استثنيٰ نٿو ڏئي، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽون ان خاص نقطي تي پنهنجا فيصلا ڏئي چڪيون آهن. درخواستگذار استدعا ڪئي ته انهن سياستدانن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ واري فيصلي کي غيرقانوني ۽ غير آئيني قرار ڏنو وڃي، ان حوالي سان گهرو وزارت جو جاري ڪيل نوٽيفڪيشن به معطل ڪيو وڃي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست داخل ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو