راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي جنرل هيڊ ڪوارٽرز(جي ايڇ ڪيو ۾ يوم شهداءِ جي حوالي سان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته شهيدن جي وارثن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏينداسين. ڪوڙيون ڳالهيون پکيڙي بي يقيني واري صورتحال پيدا ڪئي وئي. فوج فيصلو ڪيو آهي ته سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي، پاڪ فوج جي سياست ۾ مداخلت غير آئيني آهي.راولپنڊي جي جنرل هيڊ ڪوارٽرز(جي ايڇ ڪيو) ۾ ٿيندڙ يوم دفاع شهداءِ جي تقريب ٿي تقريب ۾ حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسرن، شهيدن جي وارثن ۽ غازين شرڪت ڪئي. اها تقريب هر سال 6 سيپٽمبر تي جنرل هيڊ ڪوارٽرز(جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ 1965ع جي جنگ ۾ شهيد ٿيندڙ هيروز جي قربانين جي ياد ۾ منعقد ڪئي ويندي آهي پر هن سال ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ان کي ملتوي ڪيو ويو هو. تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي ان کان پوءِ ملڪ ۾ آيل ٻوڏ ۽ ان جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي تباهي جي حوالي سان هڪ وڊيو به هلائي وئي جنهن ۾ ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو. هن وڊيو ۾ پاڪ فوج جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي ڪوششن کي ڏيکاريو ويو. تقريب دوران هڪ ٻئي فوٽيج به هلائي وئي جنهن ۾ پاڪ فوج طرفان ملڪ ۾ جاري تعليم ۽ صحت جهڙن اهم شعبن ۾ ڪردار تي به روشني وڌي وئي. تقريب کان اڳ آرمي چيف شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني۽ ان دوران شهيدن جي يادگار تي گل به چاڙهيا.شهيدن جي تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته اڄ يوم شهداءِ تقريب کي بطور آرمي چيف آخري ڀيرو خطاب ڪري رهيو آهيان. ٻوڏ سبب يوم شهداءِ جي تقريب دير سان منعقد ڪئي وئي. شهيدن جا وارث اسان لاءِ فخر جوڳا آهن. شهيدن جي وارثن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏينداسين. ڇهن سالن جي مدي دوران شهيدن جي وارثن جا حوصلا هميشه مٿانهان ڏٺا. شهيدن جي قربانين جو صلو نٿا ڏئي سگهو پر اوهان جي پيارن جي قربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين.آرمي چيف چيو ته مون کي فخر آهي ته مان عظيم فوج جو سپهه سالار آهيان، فوج جو بنيادي ڪم قوم ۽ ملڪ جي جغرافياتي سرحدن جي حفاظت آهي. اڄ اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ امن آهي، ان جي پٺيان شهيدن جون قربانيون آهن. فوج تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. شهيد اسان جا هيرو آهن ۽ قوم کي انهن تي فخر آهي. دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ڀارتي فوج انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪندي آهي. 70 سالن دوران سياست ۾ گذريل سال فيبروري دوران فيصلو ڪيو هو ته پاڪ فوج آئنده ڪنهن به سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي. ان فيصلي جي آجيان ڪرڻ بجاءِ فوج تي تنقيد ڪئي وئي.جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته ڇا اوهان سمجهو ٿا ته ملڪ ۾ ٻاهرين سازش ٿئي ۽ فوج هٿ هٿ تي ڏئي ويٺل رهي. پنهنجي ۽ فوج خلاف اهڙي رويي کي سائيڊ تي رکي اڳيان وڌڻ چاهيان ٿو. مون کي اميد آهي ته سياسي پارٽيون به پنهنجي روين تي نظر ثاني ڪنديون. اسان کي غلطين مان سکي اڳيان وڌڻ گهرجي. اڄ پاڪستان سنگين معاشي بحران جو شڪار آهي. ڪابه هڪ پارٽي ملڪ کي اهڙن مسئلن مان نٿي ڪڍي سگهي. وقت اچي ويو آهي ته سمورا اسنيڪ هولڊرز ماضي جي غلطين مان سکي اڳيان وڌن. پاڪستان ۾ هڪ سچو جمهوري ڪلچر اپنائڻو پوندو.










