سوڊان ۾ فوج جو  پيرا ملٽري سان جنگ بندي ۾  واڌ ڪرڻ تي اتفاق

سوڊان ۾ فوج جو پيرا ملٽري سان جنگ بندي ۾ واڌ ڪرڻ تي اتفاق

خرطوم (ويب ڊيسڪ)سوڊان ۾ فوج ۽ نيم فوجي دستن وچ ۾ جاري جهڙپ ۾ سوڊاني فوج جنگ بندي کي وڌيڪ 72 ڪلاڪن لاءِ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.سوڊاني فوج موجب پيرا ملٽري فورسز سان 72 ڪلاڪن جي جنگ بندي تي اتفاق ڪيو ويو آهي، اميد آهي ته باغي ويڙهاڪ جنگ بندي جو احترام ڪندا.صرف ڪالهه، سوڊان جي نيم فوجي فورسز جنگ بندي جي توسيع جو اعلان ڪيو.ٻن جنگجو فوجي قوتن جي وچ ۾ اڳوڻي اعلان ڪيل جنگ بندي آچر جي رات ختم ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو