اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد جو ايم پي او آرڊر جاري ڪرڻ جو اختيار عارضي طور تي بحال ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڊي سي اسلام آباد جو ايم پي او بحال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.اسلام هاءِ ڪورٽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي ايم پي او آرڊر جاري ڪرڻ کان روڪڻ واري سنگل بينچ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو ۽ فيصلي خلاف چيف ڪمشنر ۽ ٻين جي اپيل تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.عدالت حڪم نامي جي درخواست تي ڊي سي اسلام آباد جا اختيار عارضي طور تي بحال ڪري ڇڏيا.










